اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته پاڪستان ا?? وقت تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو جيستائين ا??هن کي ان جو جائز حق، خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي، پاڪستان جي پوري قوم، سياسي پارٽيون، سياسي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير جي معاملي تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿيون. اها ڳال??ه هن ڪشمير جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي صدارت ڪندي چئي. پرڏيهي وزير سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ڀارت جي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي ۾ امن ا??ان جي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. شاهه محمود قريشي ??يو ته سمورا ڪشميري گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪا آهن. پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورز??ن کي هر عالمي فورم تي بي نقاب ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت سرڪار جي هندوتوا پاليسي نه رڳو ڪشميرين پر پوري خطي جي امن ا??ان جي لاءِ خطرن جو سبب آهي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڊوميسائيل قانونن ۾ تبديلي ڪري آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو جيڪا عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ پاڪستان جون سموريون سياسدي پارٽيون ڪشمير مسئلي ت?? متحد آهن. آر ايس ايس جي سوچ تي گامزن بي جي پي جي سرڪار پنهنجي هندوتوا سوچ جي ڪري نه رڳو ڪشمير??ن کي پر ڀارت جي اندر رهندڙ اقليتن جي دلين ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو. ڀارت ڏاڍ ۽ قيد ۽ بند جي اذيتن جي باوجود معصوم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ڪري سگهيو. شاهه محمود قريشي ??يو ته اڄ پوري دنيا آڏو ڀارت سرڪار جو اصل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، اڄ دنيا ڀارت جي نفرت انگيز پاليس??ن کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي.