اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) بحري معاملن وا??ي وفاقي وزير علي حيدر زيدي سنڌ حڪومت طرفان عذير بلوچ ۽ نثار مورائي جي جي آءِ ٽي ??پورٽس ۾ ڦيرڦار تي چيف جسٽس آف پاڪستان کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ ساڄي ۽ کاٻي ??اسي جي سياست ٿيندي آهي، جڏهن ته هتي رائيٽ ۽ رانگ جي سياست ٿي رهي آهي. هن چيو ته مون جي آءِ ٽي ??پورٽس منظر عام تي آڻڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي، هاڻي سنڌ حڪو??ت الله الله ڪري اهي رپورٽون پبلڪ ڪيون آهن، هن چيو ته جوابدار جي آءِ ٽي ??پورٽ ۾ 158 قتل جو پاڻ اعتراف ڪري چڪو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت جيڪا جي آءِ ٽي ??پورٽ رليز ڪئي آهي اها اڌوري آهي، جي آءِ ٽي ۾ جيڪي انڪشاف ڪيا ويا هئا ان ۾ اهو نه ٻڌايو ويو ته جوابدار ڪنهن جي چوڻ تي اهو سڀ ڪيو ۽ ان جو ڪن??ن کي فائدو ٿيو.