اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي ڪور??نا وائرس بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ رضاڪارن جي ضرورت آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ٽا??يگرفورس جي ذميداري ۾ شامل آهي، ٽا??يگر فورس جي رضاڪارن کي باقاعده ڪارڊز جاري ڪيا ويندا، ٽا??يگر فورس مهانگائي ۽ ذ??يره اندوزي جي روڪٿام لاءِ به معلومات ڏيندي، ماڪڙ جي خاتمي لاءِ به ٽا??يگر فورس جا رضاڪار ڪم ڪندا، ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم ۾ به رضاڪار فورس پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، پاڪستان وڌيڪ لاڪ ڊائون جي سٽ نٿو سهي سگهي، ڪور??نا جي ڪري ٽيڪس وصولين ۾ 800 ارب روپين جي گه??تائي ٿي آهي، اڳوڻين حڪومتن جي قرضن تي وياج جي مد ۾ 5 هزار ارب روپيا ادا ڪري چڪا آهيون، بجيٽ جي تياري جاري آهي، خرچا وڌيڪ گه?? ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا ٽا??يگر فورس جي رضاڪارن کي خطاب ڪندي ڪيو.