اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي لاڪ ڊائون، ڪرفيو ۽ انساني حقن جي پائمالين تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق ۽ آزادي جي مڪمل حماي?? ڪري ٿو، حڪومت پاڪستان انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ پرعزم آهي، انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ?? صدر چيو ته ان ڏينهن کي ملهائڻ انساني حقن جي فروغ لاءِ اسان جي پختي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو.