ڪوئيٽا – 18 نومبر (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لائيو اسٽاڪ جي شعب?? جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ان شعب?? جي ترقي سان روانگي واپار ۾ اضافي، غربت جي خاتمي ۽ ملڪي معاشي استحڪام ۾ مدد ملندي، سيڪيورٽي استحڪام جي ڪري پاڪستان ٻاهرئين مل?? سيڙپڪارن جي لاءِ پرڪشش جڳهه بڻجي چڪو آهي، ماهگير?? جي فروغ لاءِ جديد مشينري ۽ جديد ٽيڪنالاجي استعمال آڻڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان ۾ ماهيگيري سميت لائيو اسٽاڪ جي ٻين شعبن مان فائدو کڻڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽي آف بلوچستان ۾ لائيو اسٽاڪ جي ايڪسپو کي خطاب ڪندي ڪيو.