اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 7.8 ارب رپين جي رمضان پئڪيج جي منظوري ڏ??ي ڇڏي، يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف 19 شين تي سبسڊي ڏني ويندي جڏهن ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته هٿيارن جي لائيسنسنگ جي حوالي سان ڪجهه هفتن ۾ پاليسي سامهون ايندي، قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، پي ڊي ايم سياسي يتيمن جو گروهه آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿ??و. ??جلاس کانپوءِ صحافين ??ي بريفنگ ڏيندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ 7.8 ارب رپين جي رمضان پئڪيج جي منظوري ڏني آهي.