اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياس?? انصاف ۽ انسانيت تي ٻڌل حقيقي فلاحي رياست هئي، نادرا پاران وراثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي. هتي ليٽر آف ايڊمنسٽريشن ۽ وراثتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪ??ڻ جي تقريب کي خط??ب ڪندي هن چيو ته مديني جي رياست عوام لاءِ ٺهي هئي، وقت جي خليفي پنهنجي مٿان پئسو خرچ نه ڪيو، جيڪو عوام تي پئسو خرچ ڪندو هو. هن چيو موجوده حڪومت به عام ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪ??ڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ سڌارا آڻي رهي آهي ته جيئن عام شهر?? مستفيد ٿين، هن چيو ته نئون قانون جاري ڪيو ويو آهي، هاڻي وراثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ ملي ويندو ۽ اوورسيز پاڪستانيز به ان مان فائدو کڻندا. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ ۾ قبضا گروپ آهن جيڪي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا آهن، اوورسيز پاڪستانين جي زمينن تي قبضو ڪندا آهن ۽ متاثر ماڻهو پئسا ڏئي قبضو ڇڏرائيندا آهن، هن چيو ته جڏهن اسان جو عدالتي نظام بهتر ڪم ڪندو ته ڏوهن ۾ گهٽتائي ايندي.