اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڪووڊ 19 جي وب?? جي ڪري پاڪستا?? سميت سڄي دني?? جي صنعت ۽ ڪاروبار متاثر ٿيو آهي پر اسان وب?? جي دوران سپلائي چين کي بحال رکيو ته جيئن مارڪيٽ ۾ ڪنهن قسم جي کوٽ نه ٿئي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي حماد اظهر چيو ته حڪومب وب?? جي دوران ڪاروبار، صنعت ۽ تعميرات جي شعبن کي بروقت کوليو ۽ ڪاروباري شعبي کي رليف ڏنو ويو جن??ن تحٽ 30 کان 35 لک ايس ايم ايز جي بجلي ج ابل معاف ڪيا ويا جن??ن سان ملڪ جا اڪثر ڪاروبار مستفيد ٿيا آهن، هلندڙ مالي سال لاءِ حڪومت نه رڳو ٽيڪس فري بجيٽ ڏنو آهي پر پهرين کان موجود ٽيڪسن جي شرح کي به گهٽ ڪيو ويو آهي، هزارين مصنوعات تي ڪسٽم ڊيوٽيز ختم ۽ سيلز ٽيڪس سميت ٻين ٽيڪسز ۾ به مراعتون ڏنيون ويون آهن، وفاقي حڪومت تعميرات جي شعبي لاءِ پيڪيج متعارف ڪرايو آهي جن??ن سان نه رڳو تعميرات جو شعب?? پر ذيلي صنعتن ۾ به بهتري ٿي آهي ۽ مون سون کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، هن چيو ته حڪومت گذريل ٻن سالن جي دوران ٻه نيون پاليسيون متعارف ڪرايون آهن جن??ن ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز ۽ موبائيل مينوفيڪچرنگ جون پاليسيون شامل آهن.