اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انضمام ??يل علائقن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، انهن علائقن ۾ انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي لاءِ مخصوص ڪيل فنڊز جي وقت سر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو، توانائي جي شعبي س??ن لاڳاپيل ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ صوبائي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه صوبي س??ن لاڳاپيل معاملن خاص طور تي توانائي جي شعبي س??ن لاڳاپيل معاملن ۽ انضمام ??يل علائقن ۾ ترقياتي عمل جي حوالي سان اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد ??مر، عمر ايوب خان، خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه ف??ما??، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ۽ لاڳاپيل ادارن جي وفاقي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ انضمام ??يل علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار، مالي سال 20 – 2019ع جي خرچن ۽ هلندڙ مالي سال جي لاءِ مخصوص ڪيل بجيٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.