اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا خلاف ڪارروائي جو 15 جنوري تي ئي فيصلو ڪيو هو، ملڪ ۾ غربت سبب لاڪ ڊائون نه ٿا ڪري سگهون، سوچ ويچار کانپوءِ تعليمي ادارا ۽ سرحدون بند ڪيون آهن، ماڻهو ذهن ۾ رک?? ته ڪرونا وائرس پکڙجندو، بلوچستان حڪومت ساراهه جوڳا قدم کنيا آهن، هر نزلي ۽ زڪام واري کي ڪرونا نه ٿو ٿي سگهي. ڪرونا جي حوالي سان قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ?? ڪرونا جي حوالي سان افراتفري پکڙجي رهي آهي، مون 15 جنوري تي چيو هو ته اسان ڪرونا جي خلاف ايڪشن کڻنداسين ڇو ته اهو چين ۾ پکڙجي چڪو هو، هي ??ائرس ه?? قسم جو نزلو آهي ۽ هي تيزي سان پکڙجي ٿو، عوام مطمئن رهي ته 97 سيڪڙو مريض ??يڪ ٿي وڃن ٿا ۽ ان مان 4، 5 سيڪڙو ماڻهن کي اسپتال وڃڻو پوي ٿو.