ڊيووس – 21 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير معاملي تي هڪ دفعو ٻيهر ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڪشمير معاملي تي گهري نظر آهي، آمريڪا ڪشمير جي حوالي سان ڪردار ادا ڪري س??ه?? ٿو، پاڪستان ۽ آمريڪا جيترا اڄ ويجها آهن ان کان اڳ ۾ ڪڏهن به ناهن رهي??. ا??ڙن خيالن جو اظهار آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم عمران خان سان عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي وفدن جي سطح تي ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحافين س??ن مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي.