لاهور -05 آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي، ته اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري برادري يوم استحصال ملهائي رها آهن، اڄ به ڪشميري ڀائر ۽ ڀينرون ڀارتي ظلمن کي منهن ڏئي رهيا آهن. 5 آگسٽ جي غيرقانوني آئين کان مٿانهن قدمن سبب والار??ل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. سمورن ڪشميري خاندانن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيون ٿا. گذريل ڏينهن پاڻ خلاف ج??لي اعتراض جوڳي ويڊيو اپ لوڊ ڪرڻ خلاف دائر درخواست تي ٻڌڻي کان پوءِ لاهور هاءِ ڪ??رٽ جي اڱڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان هاڻي به ڀرپور ويڙهه وڙهي رهي آهيان، اڄ به منهنجي خلاف پوسٽون سوشل ميڊيا تي هلي رهيون آهن. هن چيو ته هن وقت ??ون کي پنهنجي جنگ وڙهڻ لاءِ پوري سوسائٽي جو ساٿ گهرجي.