ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪراچي جي عوام پي ٽي آءِ کي مثالي مينڊيٽ ڏنو آهي، وزيراعظم ??مر??ن خان ڪراچي بابت تمام گهڻي دلچسپي رکي ٿو، ڀنڊار ٻيٽ سنڌ ۽ ڪراچي جي عوام لاءِ آهن، ان سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ معيشت ترقي ڪندي، چاهيون ٿا ته سينيٽ اليڪشن شفاف ٿين ۽ ماضي وانگر ان ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪرو نه ٿئي. صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وز??ر چيو ته پي ڊي ايم سان ڪجهه اچي نه وڃي، اهي رڳو ذاتي مفاد جي لاءِ ڊرامو ڪر?? رهيا آهن، انهن جو رخ مختلف آهي ان لاءِ انهن جي منزل هڪ نه ٿي ٿي سگهي، پي ڊي ايم کي عوام جي پذيرائي نه مل?? رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم ??مر??ن خان جي نه ته ڪا انڊسٽري آهي نه ئي ڪاروبار، ڪراچي جي عوام ماضي جي پا??ٽي?? کان تنگ اچي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي لاءِ ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪيو جڏهن ته صوبائي حڪومت ان ۾ رنڊڪون وجه?? رهي آهي.