اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي لاهور ۾ والد جي هٿان ٻن معذور پٽن جي ق??ل جي وا??عي تي افسوس جو اظهار ڪندي چ??و آهي ته خصوصي ماڻهن جي مدد ۽ انهن جو خاص خيال رکڻ سمورن طبقن جي ذميداري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب هن چيو ته والد جي هٿان ٻن معذور پٽن جي ق??ل جو دل ڏاريندڙ واقعو پڙهي تمام گهڻو ڏک ٿيو، اسان کي ان طرح جي واقعن کان بچڻ لاءِ خصوصي ماڻهن جي خاندانن جي مدد جي ضرورت آهي.