اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خودمختياري وارو حق انسان جو بنيادي پيدائشي ۽ عالمي ق??نوني حق آهي، ڪشميري حريت پسندن کي سلام عقيدت پيش ڪريان ٿو جنهن کي ڪو ڏاڍ ۽ ظلم ان جائز، بنيادي جمهوري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد تان هٽائي نه سگهيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته خودمختياري وارو حق انساني عظمت ۽ وقار جي گه??جن جو هڪ لازمي جزو آهي ان جي نفي انساني آزادي، قدرن ۽ اصولن کان انڪار آهي، اڄوڪو ??ين??ن گڏيل قومن کي ياد ڏياري ٿو ته سلامتي ڪائونسل جي پنج جنوري 1949ع تي والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير جي عوام کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي ق??ارداد تي هن وقت تائين عمل نه ٿيو، دنيا والاريل ڪشمير ۾ انسانيت جي خلاف ڀارتي ڏوهن تي خاموشي ختم ڪريئ